اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه چين جي نامزد س??ير چيانگ زي دنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي نامزد س??ير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ?? پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وينزويلا جي نامزد س??ير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ڪئي. پاڪستان وينزويلا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي?? مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سان ڪولمبيا جي نامزد س??ير جوليو اينيبل ريانو ويلانڊيا پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
SBCA introduces SOP to eliminate illegal constructions
-
Sindh govt declares May 1 as public holiday
-
دی لیجنڈ آف پرسئیس آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
ویمپائر ایمولیٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Devil Fortune Integrity Entertainment Website - ایک قابل اعتماد تفریحی پلیٹ فارم
-
کار کریش گیم ایماندار تفریحی پلیٹ فارم
-
COAS retirement decision will turn hopes into despair
-
Afghan police bans Pakistani rupees in southern province
-
SC stays govt employees appeal against IHCs verdict
-
Police set to ensure peace in AJK on Youm-e-Ashur
-
Absence of interior secretary delays NAP legislation
-
No PML-N candidate in ECPs list for NA-258