پشاور-20 ڊسمبر(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ملڪي امن استحڪام ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري سميت سموريون اقليتون ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري جون خدمتون قدر جوڳيون آهن. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن ايڊورڊز ??ال??ج پشاور ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب دوران ڪيو. گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ بشپ همفري سرفراز پيٽر، پرنسل پروفيسر شجاعت علي، ايڊورڊز ??ال??ج جي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن سميت مسيحي برادري جي عورتن ۽ مردن سميت ٻارن جو پڻ وڏو تعداد موجود هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تقريب ۾ ايڊورڊز ??ال??ج جي انتظاميا سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون.تقريب ۾ قومي تراني ۽ ڪرسمس جي حوالي سان مسيحي برادري جي خاص دعا ۽ ڪرسمس جو گانو پڻ ڳايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته شاگرد مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد تعليم تي ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ علم ئي طاقت آهي توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته پاڻ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي منظر نامي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري مهارتن سان آراسته ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن ک?? پاڪستان جي آئين تحت مڪمل حقن جي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي. ايڊورڊز ??ال??ج ۾ هلندڙ سال اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 25 وظيفا (اسڪالرشپ ) مختص ڪيون ويون آهن. ايڊورڊز ??ال??ج صوبي جي تاريخي تعليمي درسگاه آهي. ايڊورڊز ??ال??ج جي تعليمي ۽ تاريخي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندس.
متعلقہ مضامین
-
‘Alternative plans in place to respond to any emergency’
-
PDMA warns of floods as heavy rains batter KP and Punjab
-
IHC rejects Imran’s request for Toshakhana case transfer
-
Jail authorities fail to present Imran in court despite IHC directives
-
KM کارڈ گیم آفیشل گیم ویب سائٹ
-
رولیٹی آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: نئے کھیلوں کی دنیا تک رسائی
-
Legendary Monkey King Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
جیا الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ: ایک قابل اعتماد ویب سائٹ
-
Hajj balloting for govt scheme cancelled
-
Turkish ambassador calls on PTI chief to discuss Pak-Turk schools
-
PML-N’s Masood gets elected as AJK president
-
Chaudhry Nisar: an indispensible companion?