اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊڊ انڊسٽري کي ڪاٽن ۽ سوٽي ڌاڳي جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ سوٽي ڌاڳي جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي واپس وٺڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي، روينيو ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زير محمد حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي ??زير اسد عمر، نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو، بحري معاملن واري وفاقي ??زير علي حيدر ??يدي، توانائي وارو وفاقي ??زير عمر ايوب خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي ??زير سيد فخر امام، روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر، وفاقي سيڪريٽرين، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران سرڪاري شعبي جي آر ايل اين جي جي بنياد تي هلندڙ پاور پلانٽس قائداعظم ٿرمل پاور پلانٽ، بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر ??اهه پاور پلانٽ لاءِ پاور پرچيز ايگريمينٽ ۽ گئس سپلائي ايگريمينٽ ۾ 66 سيڪڙو ٽيڪ آر پي ڪمٽمنٽ جي ڇوٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي، انهن ترميمن جي نتيجي ۾ بجلي ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ماهوار پيداواري منصوبو داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، بجلي جو خريدار پنهنجي ضرورتن بابت معلومات داخل ڪرائڻ جو اهل هوندو پاور پرچيز ايگريمينٽ تحت سسٽم آپريٽر ۽ آپريٽنگ ڪميٽي ان کي حتمي شڪل ڏيندي، گئس سپلائي ايگري مينٽ موجب ماهوار ڊليوري پلان کي پاور پرچيز ايگريمنٽ جي ماهوار شيڊول سان جوڙيو ويو آهي، ماهوار پيداواري منصوبو(ايم پي پي) تي ايندڙ سال کان عملدرآمد ٿيندو. ڪميٽي ان بابت لاڳايل حصيدارن جي راءِ ٻڌڻ کانپوءِ سمري جي منظوري ڏني، ڪميٽي ماهوار پيداواري منصوبي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بجلي ۽ گئس جي خريد ۽ فڪسڊ بدران حقيقي ضرورتن موجب خريداري ڪري سگهندا.
متعلقہ مضامین
-
Senate passes resolution lauding military’s success
-
بالی ویکیشن آفیشل اینٹرٹینمنٹ ایپ کا مکمل تعارف
-
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
-
Dont let non-state actors derail dialogue: UK to Pakistan, India
-
International Museum Day on May 18
-
School teacher held over blasphemy claim
-
NAB recovers PCPs investment from TIBL
-
Govt not afraid of jugglers: Nawaz
-
LUMS, Harvard Business Publishing begin partnership
-
Two sisters burnt alive, siblings injured in fire incident
-
Electronic City Entertainment Official App - تفریح کی نئی دنیا
-
ایس بی او اسپورٹس اینٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم